اٺين ڪٿا

اٺين ڪٿا (ڪتاب ): سنڌ ۽ هند جي نامور ڪهاڻيڪار موهن ڪلپنا جي ڪهاڻين جو مجموعو، ڊيمي سائيز ۾ سال 1989ع ۾ ڇپيو. قيمت 30 رپيا، ڇپائيندڙ سنڌي ٽائيمس پبلڪيشن، الهاسنگر. سنڌي ڪهاڻيءَ کي فن ۽ فڪر جي خيال کان بين الاقوامي ليول تي مڃائڻ ۾ موهن ڪلپنا جون ڪهاڻيون موضوع توڙي مضمون ۾ اڳريون آهن. هن جي ڪهاڻين ۾ زندگيءَ جي تازگي آهي. هو هلندي چلندي زنده موضوع ڳولي وٺندو هو. ڪتاب جي منڍ ۾ موهن پاڻ لکيو آهي ته ’مون شروع کان پنهنجي اڳيان ڪنهن فيلسوفي واد جو نظريو نه رکيو آهي، ڇو جو واد ۽ فيلسوفيون هڪ ٻئي کي رد ڪن ٿا، مون زندگيءَ کي الڳ الڳ ڪنڊن کان اٿلائي پٿلائي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل 15 ڪهاڻيون آهن، جيڪي ڇپائيندڙ موجب گهڻو ڪري 1988ع کان اڳ لکيل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو